حسن ۽ جنگ

حسن ۽ جنگ (ڪتاب): قديم شعري ادب جي لحاظ کان، مشرقي ديسن ۾ ’رامائڻ‘ ۽ ’مَهاڀارت‘ جا قصا ۽ مغربي ملڪن ۾ Iliad (ايلئڊ) ۽ اوڊيسي (Odyssey) جيڪي يونان جي نابين شاعر هومر (Homer) جا رچيل آهن، وڏي اهميت رکن ٿا. ڪن عالمن ’رامايڻ‘ کي Odyssey سان ڀيٽيو آهي، ڇو ته ٻنهي ۾ سورمن جا داستان ڏنل آهن، پر اها مشابهت اهڙي پوري نه آهي، جهڙي ’مهاڀارت‘ جي Iliad سان، جن ٻنهي ۾ مهاڀاري جنگين جا بيان آهن، هڪ ۾ مهاڀارت جي جنگ، ٻئي ۾ ٽراءِ (Troy) جي جنگ.سنڌيءَ جي مشهور ترجمي نگار, جينت ريلواڻيءَ نثر جي هڪ ڪتاب تان ٻه ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون. (1) ’ٽراءِ جي لڙائي‘، (2) ’ٽراءِ جو پتن‘ (شڪست). پوئين ڪهاڻي يوناني شاعر هومر جي Iliad تان نه پر رومي شاعر ورجل (Virgil) جي عظيم ڪوتا Adenoid تان ورتل آهي. انهيءَ ٻنهي ڳالهين ملائڻ سان ٽراءِ نگر جي ڪهاڻي مڪمل ٿي پئي آهي. جڳت آڏواڻيءَ جي ترجمي ڪيل هنن ٻنهي ڪهاڻين کي گڏي، ڪهاڻي پبليڪشن بمبئيحسن ۽ جنگ‘ عنوان سان ڪرائون سائيز جي 66 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت ان وقت 12 آنا رکي وئي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو